الهه بخش ملڪاڻي

الهه بخش ملڪاڻي

الهه بخش ملڪاڻي

الهه بخش ملڪاڻي: مشھور سگهڙ شاعر الهه بخش ولد حاجي شاھو خان، 1933ع ڌاري، ڳوٺ ملڪاڻي، تعلقي ٽنڊي باگي ضلعي بدين ۾ ڄائو. ننڍي ھوندي کان مال سان چاهه سبب سڄي عمر ’الهه بخش ٻڪرار‘ جي نالي سان مشھور ٿيو. وٽس ھر قسم جي ٻڪرين جو جدا جدا ڌڻ ھوندو ھو. پُراڻ جي ڪنڌي ۽ ٿر جي ڪسُ وٽ ھن ڪيتروئي عرصو پنھنجو مال چاريو. سندس والد ورثي ۾ ڪجهه زمين ڇڏي جيڪا ھن پنھنجي ڀاءُ جي حوالي ڪئي. ٻاڪري ۽ ريڍي مال جي کير ۽ واپار مان ٻاونجاهه ايڪڙ ذاتي زمين خريد ڪرڻ کان پوءِ به ھن ٻڪريون چارڻ نه ڇڏيون. ھم پيشه ٻڪرارن ۽ ريڍارن سان دوستي ھوندي ھئس. ڪچھري جو ڪوڏيو، گفتي جو پڪو، اھل سخن، حساس طبع ۽ درد مند دل رکندر شخص ھو. کيس ميلا گھمڻ جو به وڏو شوق ھو. ميلن تان صوفي شاعرن جي شاعريءَ جا ڪتاب خريد ڪري، ٻين کان پڙھائي اُھي بيت جهر جهنگ پيو جهونگاريندو ھو. موسيقيءَ سان رغبت سبب بنا سازن جي ڳائيندو به ھو. جوانيءَ ۾ ڪنھن فقيرياڻي ءَ سان انگ اڙيس پر پوءِ جلدئي ھڪٻئي کان پري ٿي ويا. ھن شاعريءَ جي شروعات 1970ع ۾ ڪئي. سندس ڪافي شاعري آڊيو ڪئسٽن ذريعي محفوظ ٿي، جيڪا بعد ۾ ’جنھن ڪون عشق لڳا ھي جھنگ دا‘ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾، نظير ملڪاڻي ڇپائي پڌري ڪئي آھي. ھن پنھنجي لوڪ شاعريءَ ۾ ’ملڪاڻي‘ ۽ ’لغاري‘ تخلص ڪتب آندو آھي. 28 ڊسمبر 2001ع تي، ھيپاٽائٽس سي سبب پنھنجي ڳوٺ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو